منهنجو ٻچڙو بکيو سمهي ها ته مونکي ننڊ ئي نه اچي ها"


 رات ڏاڍو دلچسپ واقعو ٿيو! ٿيو ڪجهه ايئن ته آئون ڪنهن ڪم سان ٻاهر ويل هئس رات جو 12 وڳي گهر آيس گهر جي اڱڻ تي پير رکيم جتي امان ۽ ننڍو ڀائ سمهندا آهن آئون ورانڊي ۾ رکيل فرج جي تلاشي وٺي رهيو هئس ته امان جي اک کلي وئي پڇڻ لڳي "جاني پٽ سڀ خير آهي نه؟" مون پيٽ تي هٿ رکندي چيو ته" بک لڳي آهي ڪجهه کائڻ لاءِ آهي؟" ته امان انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو بهرحال آئون واپس ڪمري ۾ آيس هوئين مونکي ايتري بک به به نه لڳي هئي مشڪل سان اڌ ڪلاڪ گذريو هوندو جو منهجي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي ۽ آواز آيو "جاني پٽ؟" هي منهنجي جيجل جو آواز هيو جڏهن مون دروازو کوليو ته جيجل امان دٻڪي ۾ ٻه اڦراٽا ۽ چانھ جي ڪٽلي کنيو بيٺي هئي مون دٻڪي ۽ ڪٽلي وٺندي چيو "جيجل هي سڀ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي آئون ته ايئن ئي چئي رهيو هئس" ته جيجل ماءُ جواب ڏنو ته "منهنجو ٻچڙو بکيو سمهي ها ته مونکي ننڊ ئي نه اچي ها" مونکي کارائي پياري امان ڪمري مان هلي وئي. تڏهن کان هن وقت تائين آئون سوچي رهيو آهيان ته اسان ڪيڏا نه خوشنصيب آهيون جو اسان جي ماءُ جو شفقت جو هٿ اسان مٿان آهي دوستو پنهنجي مائرن جو قدر ڪيو....!🙏

Post a Comment

Thanks You

Designed by OddThemes | Distributed by Gooyaabi