تمام ميمبرس کي گزارش آھي ته خدارا پنھجي ڇوڪرن جو خيال ڪريو پنجاب ۾ ڪجھ عناصرن اھڙيون نالي جون ٽيمون جوڙيون آھن جيڪي سنڌ جي نوجوانن کي نوڪريء جي لالچ ڏئي انھن کي گھرائي فارم وغيره فل ڪرائي انھن کان پيسن جي ڊمانڊ پيا ڪن جنھن مان ھڪ ٻن ڪمپنين جا نالا مليا آھن جھڙوڪ Tiens يا وري Tinshi نالي سان آھن انھيء ڪري پنھجي اس پاس جي نوجوانن کي اھڙو اطلاع ڏيو ته ڪنھن جي چوڻ ۾ اچي پنجاب بهاولپور يا ڪنھن ٻئي شھر ۾ نوڪريء جي لالچ ۾ نه ونجو ؛
۽ نوجوانن کي گھرائي مجبور ڪري ھنن کان پھريان چاليھ ھزار جي ڊمانڊ ٿا ڪن ته توھان کي ٽريننگ ڏينداسين پوء نوڪري ڏينداسين جيڪو سراسر ڪوڙ آھي
۽ ڪجھ ٽائيم کان بعد وري ھنن کي چون ٿا توھان جي فيس پوري آ وري 60 ھزار جمع ڪرايو
اھڙي نموني سان ڪافي ڇوڪرا انھن جي چنبي ۾ آھن ۽ ڪجھ پاڻ بچائي نڪري آيا آھن خدارا ڪجھ ديان ڏيو پنھجن نوجوانن تي 🙏🙏🙏
پوسٽ کي شيئر ڪريو جيئن نوجوانن تائين پھچي #tiens #company



Post a Comment
Thanks You